تازه ترين

بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران پاڪ فوج جو ميجر ۽ حوالدار شهيد ٿي ويا

- Advertisement -
بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران پاڪ فوج جو ميجر ۽ حوالدار شهيد ٿي ويا، پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ 5 دهشتگر مارجي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته زوب ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي سمبارا واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ آپريشن جي اڳواڻي ڪندڙ ميجر سيد عادل رضا شاهه ۽ حوالدار نثار احمد شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب شهيد 31 ورهين جي ميجر سيد علي رضا شاهه جو تعلق سرگوڌا ۽ 38 ورهين جي حوالدار نثار احمد جو تعلق وهاڙيءَ سان آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز بهادر جوانن جي قرضي آهي، وطن تي جانيون قربان ڪندڙن کي هو ڀيٽا پيش ڪن ٿا، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
13 %
4.4kmh
59 %
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون