تازه ترين

جسٽس محمد شفيع صديقي سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو

جسٽس محمد شفيع صديقي سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو.

جسٽس محمد شفيع صديقي سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو

سنڌ هائيڪورٽ جي نئين مقرر ٿيل چيف جسٽس جي قسم کڻڻ واري تقريب سنڌ ھائيڪورٽ ۾ ٿي.

تقريب دوران سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽسوري، جسٽس محمد شفيع صديقي کي قسم کڻايو.

تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاھه، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سينيئر جج نعمت الله ڦھلپوٽو، جسٽس صلاح الدين پنھور، جسٽس ارشد خان، جسٽس ثنا منهاس، جسٽس عمر سيال، جسٽس اقبال ڪلهوڙو، جسٽس محمد شفيع صديقي جي فيملي ۽ ٻين پڻ قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نئين چيف جسٽس کي قسم کڻڻ تي مبارڪ ڏني.

جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي سفارش تي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ هائيڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس محمد شفيع صديقي کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو ھو.

قسم کڻڻ کان اڳ جسٽس محمد شفيع صديقي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري سان ملاقات ڪئي. ……….

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
54 %
1.5kmh
67 %
خميس
25 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
27 °
آچر
29 °
سُومر
30 °

تازه ترين خبرون