تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آءِ ايم ايف، پاڪستان سان 37 مهينن جي قرض پروگرام تي راضپو ظاهر ڪيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف، پاڪستان سان 37 مهينن جي قرض پروگرام تي راضپو ظاهر ڪيو آهي جنهن تحت پاڪستان کي ست ارب ڊالر ملندا، ملڪ جي معاشي تحفظ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪيا، ڏکين فيصلن جا ثمر معاشي استحڪام جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن. فيڊرل بورڊ آف ريوينيو هيڊ ڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي ڏکي معاشي صورتحال مان ڪڍڻ ۾ آءِ ايم ايف معاهدو اهم ثابت ٿيو، ڏکي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي آءِ ايم ايف جا ٿورائتا آهن. سندس چوڻ هو ته حڪومت معيشيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، آءِ ايم ايف پروگرام سان پاڪستان ۾ مالياتي ۽ مانيٽري پاليسي کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن سان گڏ ٽيڪس بيس کي وڌايو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل هڪ سال دوران پاڪستان ۾ ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ بهتري ٿي آهي ۽ معاشي استحڪام کي هٿي ملي آهي، ناڻي واري وفاقي وزير سميت معاشي ٽيم ۽ صوبائي وڏن وزيرن جون ڪوششون  ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته نئون قرض پروگرام پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو، قرض کان ڇوٽڪاري ۽ معاشي خوشحالي جو دور جلد ايندو، ملڪ کي استحڪام کان مضبوط ۽ جٽادار بحالي طرف وٺي وڃڻ سندن عزم آهي. وزيراعظم چيو ته ڪاميابي ان ڏينهن ٿيندي جنهن ڏينهن هو قرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندا، حڪومت معاشي سڌارن جي ايجنڊا کي تيزي سان اڳتي وڌائي رهي آهي. شهباز شريف چيو ته حڪومت پاليسي ريفارمر ۽ مالياتي هدفن تي سختي سان عمل ڪري ملڪ جي گهٽ آمدني واري طبقي جو سهارو بڻجندي، هنن معيشيت ۾ بهتري لاءِ ايڪسچينج ريٽ کي مستحڪم ڪيو، جٽادار گروٿ حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا، سندن قدمن سان معاشي ترقي جو سفر مڪمل ٿيندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون