تازه ترين

جنگ بندي معاهدي جون ڪوششون تيز ٿيندي ئي اسرائيلي فوج غزه تي حملا وڌائي ڇڏيا

- Advertisement -
جنگ بندي معاهدي جون ڪوششون تيز ٿيندي ئي اسرائيلي فوج غزه تي حملا وڌائي ڇڏيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 50 هنڌن ت بمباري سبب ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزه جي علائقي شجاعيه ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري فوري آپريشن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته اولهه ڪناري جي جنين ڪيمپ ۾ اسرائيلي فوج 7 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 58 فلسطيني اسرائيلي دهشتگرد جو نشانو بڻجي ويا جڏهن ته 179 زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي دهشتگردي ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 38 هزار 11 ٿي ويو جڏهن ته 87 هزار 445 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. هوڏانهن فلسطيني گروپن طرفان سخت مزاحمت جو سلسلو جاري آهي، جوابي حملن ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوجي پڻ مارجي ويا. عرب ميديا موجب، مارٽر گولن ۽ راڪيٽن سان حملو، اسرائيلي هيليڪاپٽر کي به نشانو بڻايو ويو. ان کان علاوه اسرائيلي فوج جون لبنان ۾ حزب الله سان به چڪريون جاري آهن، حزب الله 17 راڪيٽ حملن اسرائيلي عمارتن ۽ فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻايو. ٻئي پاسي اسرائيلي ڳجهي ايجنسي موساد جي سربراهي ۾ اسرائيلي وفد قطري اختيارين سان ملاقات کانپوءِ واپس روانو ٿي ويو. اسرائيلي وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته ايندڙ هفتي ٻيهر ڳالهيون شروع ٿينديون ڳالهين لاءِ نئون وفد موڪليو ويندو. هوڏانهن حماس غزه ۾ عالمي فوج جي مقرري جي ڪنهن به امڪاني منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون