حيدرآباد پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس بسم الله ايڪسٽينشن ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ عطاءَ الله پٺاڻ نالي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو سندس ساٿي فرار ٿي پيو.
پوليس ترجمان موجب گرفتار جوابدار عطاءَ الله پٺاڻ جي قبضي مان هٿيار هٿ آيا آهن.
پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ۽ فرار ٿيندڙ جوابدار بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.
پوليس ترجمان وڌيڪ چيو ته زخمي جوابدار کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي.