صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل پاڪستان جي آزادي ۽ خودمختياري خلاف سازش هئي.
اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته قائد عوام پاڪستان کي دنيا جي باوقار ملڪن جي صف ۾ شامل ڪيو.
سندس چوڻ هو ته قائد عوام جو عدالتي قتل اصل ۾ تيز رفتاري سان ترقي ڪندڙ ملڪ جي پٺيءَ ۾ خنجر هڻڻ جيان هو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلاسفي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو مشن هو، هاڻي هن مشن جو نگهبان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي.
هن چيو ته شهيد ڀٽو پنھنجي ملڪ ۽ عوام سان محبت ڪندو ھو، ھيءُ ملڪ سڀني لاءِ مقدس آھي، هو ھن ملڪ کي جنت جھڙو ٺاھيندا.
صدر آصف علي زرداري چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان شھيد ڀٽو جي دور جيان منزلون ماڻيندو.
ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل پاڪستان جي آزادي ۽ خودمختياري خلاف سازش هئي : صدر آصف علي زرداري
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.8
°
C
9.8
°
9.8
°
27%
1.8m/s
0%
اربع
10
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


