تازه ترين

راڻيپور: فاطما ڦرڙو سان زيادتي جي تصديق

راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ تڙپي تڙپي دم ڏيندڙ نينگري فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ۽ تشدد جي تصديق ٿي وئي آهي، نينگري جي قتل ڪيس جي مک جوابدار اسدالله شاهه جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا پڻ ورتا ويا آهن، ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ نينگري تي تشدد جي تصديق  ۽ زيادتي جو خدشو ظاهر ڪيوآهي.

ميڊيڪل بورڊ ۾ شامل پوليس سرجن امان الله ڀنگوار نينگري فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ۽ تشدد  جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پوليس سرجن امان الله ڀنگوار جو چوڻ آهي ته نينگري فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ۽ تشدد ٿيڻ جا ثبوت مليا آهن.

ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ نينگري تي تشدد جي تصديق ۽ زيادتي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائڻ ۽ حقيقتن کي لڪائڻ تي ايس ايڇ او راڻيپو، وڏي منشي، ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر کي ڪيس ۾ نامزد ڪري سندن رمانڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڊي آءِ جي سکر جو وڌيڪ چوڻ هو ته حويلي ۾ ڪم ڪندڙ سمورن ٻارڙن کي ريسڪيو ڪري گهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.

جاويد جسڪاڻي موجب حويلي ۾ موجود سمورن مردن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ نمونا ورتا ويندا.

 هوڏانهن پوليس نينگري جي قتل ڪيس جي مک جوابدار اسدالله شاهه کي گمس منتقل ڪيو، جتي ماهر ڊاڪٽرن  ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جوابدار جا نمونا ورتا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون