تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

راڻيپور: فاطما ڦرڙو سان زيادتي جي تصديق

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ تڙپي تڙپي دم ڏيندڙ نينگري فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ۽ تشدد جي تصديق ٿي وئي آهي، نينگري جي قتل ڪيس جي مک جوابدار اسدالله شاهه جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا پڻ ورتا ويا آهن، ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ نينگري تي تشدد جي تصديق  ۽ زيادتي جو خدشو ظاهر ڪيوآهي.

ميڊيڪل بورڊ ۾ شامل پوليس سرجن امان الله ڀنگوار نينگري فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ۽ تشدد  جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پوليس سرجن امان الله ڀنگوار جو چوڻ آهي ته نينگري فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ۽ تشدد ٿيڻ جا ثبوت مليا آهن.

ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ نينگري تي تشدد جي تصديق ۽ زيادتي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائڻ ۽ حقيقتن کي لڪائڻ تي ايس ايڇ او راڻيپو، وڏي منشي، ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر کي ڪيس ۾ نامزد ڪري سندن رمانڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڊي آءِ جي سکر جو وڌيڪ چوڻ هو ته حويلي ۾ ڪم ڪندڙ سمورن ٻارڙن کي ريسڪيو ڪري گهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو.

جاويد جسڪاڻي موجب حويلي ۾ موجود سمورن مردن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ نمونا ورتا ويندا.

 هوڏانهن پوليس نينگري جي قتل ڪيس جي مک جوابدار اسدالله شاهه کي گمس منتقل ڪيو، جتي ماهر ڊاڪٽرن  ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جوابدار جا نمونا ورتا آهن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
18 %
2.8kmh
5 %
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون