پنجاب جي علائقي پنڊي ڀٽيان ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ پڪ اپ کي باهه لڳڻ سبب 18 ڄڻا سڙي فوت

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پنجاب جي علائقي پنڊي ڀٽيان ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ پڪ اپ کي باهه لڳڻ سبب 18 ڄڻا سڙي فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

پنڊي ڀٽيان ايم فور موٽر وي ويجهو ڪراچي کان اسلام آباد ويندي مسافر ڪوچ روڊ تي بيٺل پڪ اپ سان ٽڪرائجي وئي جنهن کانپوءِ ٻنهي گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 18 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو.

ڊي پي او ڊاڪٽر فهد جو چوڻ آهي ته مسافر ڪوچ مان 16 لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته حادثي ۾ ٻنهي گاڏين جا ڊرائيور به سڙي فوت ٿي ويا آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب، بس ۾ 40 کان 45 مسافر سوار هئا، 16 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، اڪثر زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

بچي ويل مسافرن جو چوڻ آهي ته مسافر ڪوچ ڪراچي کان اسلام آباد وڃي رهي هئي ته هڪ گاڏي سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ باهه وڪوڙي وئي ۽ مسافرن کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهيو.

پوليس موجب، صبح تقريبن ساڍي چئين وڳي پڪ اپ ۽ مسافر ڪوچ ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن کانپوءِ گاڏين کي باهه لڳي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته پڪ اپ ڊيزل سان ڀريل هئي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
22.3 ° C
22.3 °
22.3 °
46%
2m/s
0%
ڇنڇر
27 °
آچر
29 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون