- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته روزگار تي سڀ کان پهريون حق مقامي ماڻهن جو هوندو آهي، سمورا ادارا ان تي عمل ڪن، پيپلزپارٽي جو بنيادي مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي.
سيد مراد علي شاهه شاهه چونڊيل نمائندن امتياز شيخ، سليم بلوچ، ممتاز جکراڻي ۽ مهيش ملاڻي ملاقات ڪئي.
ملاقاتن دوران چونڊيل نمائندن پنهنجن پنهنجن تڪن جي مسئلن بابت آگاهي ڏني ۽ عوامي مسئلن توڙي سياسي سماجي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وڏي وزير چونڊيل نمائندن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ حڪم جاري ڪيا.
سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته صحت، تعليم، پاڻي، ڊرينينج ۽ ترقياتي ڪم ترجيحن ۾ شامل آهن.
ٿر مان چونڊيل ايم پ اي مهيش ملاڻي چيوته ٿر ڪول منصوبن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن.
وڏي وزير چيو ته روزگار تي سڀ کان پهريون حق مقامي ماڻهن جو هوندو آهي، سمورا ادارا ان تي عمل ڪن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سميت پاڪستان ۽ سمورو خطو ماحولياتي گدلاڻ کي منهن ڏئي رهيو آهي، هو وڻڪاري مهم دوران ڀرپور انداز ۾ ٻوٽا پوکيندا آهن ته جيئن وڻن ذريعي ماحولياتي گدلاڻ جو خاتمو ڪري سگهجي.- Advertisement -
