- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته رياست تي حملا ڪندڙن سان ڪنهن به صورت ۾ ڪي ڳالهيون نه ٿينديون، ڪنهن کي به پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، حڪومت ملڪ کي اقتصادي ترقي جي رستي تي واپس آڻڻ لاءِ پرعزم آهي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار لنڊن ۾ پاڪستان هائوس ۾ هائي ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل طرفان ڏنل آجياڻي ۾ پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽيرينز سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار نون چونڊيل برطانوي پاڪستاني پارليامينٽ ميمبرن کي مبارڪ ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخ، ثفافت، امن، سلامتي ۽ ترقي لاءِ گڏيل اميدن جي مضبوط رابطن تي قائم آهن.
سندن چوڻ هو ته هاڻوڪي چونڊن ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ 15 ميمبر برطانوي پارليامينٽ لاءِ چونڊيا آهن، جيڪي برطانوي جمهوريت جي مضبوطي ۽ پاڪستاني ڄائي برطانوي شهرين جي ڪاميابي جو ثبوت آهي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته رياست تي حملا ڪندڙن سان ڪنهن به صورت ۾ ڪي ڳالهيون نه ٿينديون، ڪنهن کي به پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، حڪومت ملڪ کي اقتصادي ترقي جي رستي تي واپس آڻڻ لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
