تازه ترين

سعودي عرب يوڪرين ۾ امن لاءِ ڳالهين جي ميزباني ڪندو

- Advertisement -
پرڏيهي ميڊيا موجب، سينيئر يوڪرين جي اختيارين ٻڌايو ته سعودي عرب هڪ سمٽ جي تياري ڪري رهيو آهي جنهن ۾ يوڪرين جي صدر ولادمير زيلنڪسي ملڪ ۾ امن لاءِ منصوبي بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو. يوڪرين جي صدر جي چيف آف اسٽاف آندري يرميڪ چيو ته سعودي عرب ۾ ٿيڻ واري ان سمٽ ۾ ڪيترن ئي ملڪن جون اعليٰ اختياريون شرڪت ڪنديون . ميڊيا جي رپورٽس موجب، يوڪرين جي صدر جي چيف آف اسٽاف جي طرفان سمٽ جي تاريخ ۽ شهر جي باري ۾ ڪي به تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن. ان کان اڳ امريڪي اخبار اسٽريٽ جنرل يوڪرين جي معاملي تي سفارتڪارن جي سمٽ جي حوالي سان رپورٽ جاري ڪئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته يوڪرين ۾ امن لاءِ ڳالهه ٻولهه 5 ۽ 6 آگسٽ تي جده ۾ ٿيندي جنهن ۾ 30 ملڪ شرڪت ڪندا. امريڪي اخبار لکيو هو ته يوڪرين ۽ اولهه جي اختيارين کي اميد آهي ته اهي قدم پيس سمٽ کي ڪامياب بڻائي سگهن ٿا. يوڪرين امن فارمولي جي لاءِ 10 نقطا به پيش ڪيا هئا جنهن ۾ يوڪرين جي زميني خودمختياري جي بحالي، روسي فوجين جي دستبرداري ۽ سمورين قيدين جي آزادي به شامل هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
10 %
5.1kmh
0 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون