تازه ترين

سعودي عرب يوڪرين ۾ امن لاءِ ڳالهين جي ميزباني ڪندو

پرڏيهي ميڊيا موجب، سينيئر يوڪرين جي اختيارين ٻڌايو ته سعودي عرب هڪ سمٽ جي تياري ڪري رهيو آهي جنهن ۾ يوڪرين جي صدر ولادمير زيلنڪسي ملڪ ۾ امن لاءِ منصوبي بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو.

يوڪرين جي صدر جي چيف آف اسٽاف آندري يرميڪ چيو ته سعودي عرب ۾ ٿيڻ واري ان سمٽ ۾ ڪيترن ئي ملڪن جون اعليٰ اختياريون شرڪت ڪنديون .

ميڊيا جي رپورٽس موجب، يوڪرين جي صدر جي چيف آف اسٽاف جي طرفان سمٽ جي تاريخ ۽ شهر جي باري ۾ ڪي به تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.

ان کان اڳ امريڪي اخبار اسٽريٽ جنرل يوڪرين جي معاملي تي سفارتڪارن جي سمٽ جي حوالي سان رپورٽ جاري ڪئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته يوڪرين ۾ امن لاءِ ڳالهه ٻولهه 5 ۽ 6 آگسٽ تي جده ۾ ٿيندي جنهن ۾ 30 ملڪ شرڪت ڪندا.

امريڪي اخبار لکيو هو ته يوڪرين ۽ اولهه جي اختيارين کي اميد آهي ته اهي قدم پيس سمٽ کي ڪامياب بڻائي سگهن ٿا.

يوڪرين امن فارمولي جي لاءِ 10 نقطا به پيش ڪيا هئا جنهن ۾ يوڪرين جي زميني خودمختياري جي بحالي، روسي فوجين جي دستبرداري ۽ سمورين قيدين جي آزادي به شامل هئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
33 ° C
33 °
33 °
26 %
1.9kmh
45 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون