- Advertisement -
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ ڇهين ڏينهن به ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي.
ڪراچي جي ملير، قائد آباد، گلشن حديد، پپري ۽ ايئرپورٽ، پنجاب ڪالوني، ڊفينس، ڪلفٽن ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪاري بعد هيٺانهن وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
شاهراهه فيصل، بلوچ ڪالوني، ڪورنگي ۽ مهراڻ ٽائون ۾ برسات پئي.
جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وفقي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، وسڪاري سبب مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.
ٺل جي مختلف علائقن ۾ وسڪاري سبب مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ۽ ڪکاوان گهر ڊهي پٽ پئجي ويا.
ڳڙهي حسن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات سبب فصل توڙي هيٺانهين وارا علائقا ٻڏي ويا.
ڪيٽي بندر، ڳاڙهو ۽ ٻگهاڻ سميت سامونڊي پٽي واري علائقي ۾ گذريل ڇهن ڏينهن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.
نيو سعيد آباد ڀرسان برساتي پاڻي ڳوٺ نبي بخش خاصخيلي ۾ ڪاهي پيو، 12 گهرن سميت پرائمري اسڪول ۾ پاڻي بيهجي ويو.- Advertisement -
