- Advertisement -
زراعت ۽ راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مھر ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ واسين کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته کين سنڌ جي عظيم تهذيب ۽ ثقافت تي کين فخر آهي، ثقافتي ڏھاڙو عيد جي ڏينھن جيان آهي.
صوبائي وزير چيو ته سنڌ ڌرتي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿي، دنيا جو پھريون زرعي انقلاب به سنڌ کان شروع ٿيو.
صوبائي وزير محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ڪڏھن به قبول نه ڪنداسين.- Advertisement -
