سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو آهي.
کهڙا ۾ ٻه ڏينهن اڳ قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان عبدالوهاب اڄڻ زخمي ٿي پيو هو.
زخمي ٿيل نوجوان عبدالوهاب اڄڻ زخمن جي سٽ نه سهندي اڄ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.
فوتي نوجوان جو مڙهه گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.