تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سپريم ڪورٽ عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هائيڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي فيصلو 8 ججن جي اڪثريت جو فيصلو آهي جيڪو جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ڪمري نمبر هڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير، اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي موجودگي ۾ ٻڌايو ويو. جسٽس منصور علي شاهه فيصلو ٻڌائيندي سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هائيڪورٽ جي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آئين جي خلاف آهي، چونڊ  نشان نه ملڻ ڪنهن سياسي پارٽي کي چونڊن کان نٿو روڪي، پي ٽي آءِ هڪ سياسي پارٽي هئي ۽ آهي. سپريم ڪورٽ عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ جي حقدار آهي، تحريڪ انصاف فيصلي جي 15 0ينهن ۾ پنهنجي مخصوص ماڻهن جي سيٽن جي نالن جي لسٽ ڏئي. فيصلي ۾ چيو ووي آهي ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ ۾ مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏنيون وڃن. سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پي ٽي آءِ قرار ڏنو ۽ سني اتحاد ڪائونسل جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. عدالت چيو ته ٻيا 41 اميدوار به 14 ڏينهن ۾ سرٽيفڪيٽ ڏئي سگهن ٿا ته هو سني اتحاد ڪائونسل جا اميدوار هئا، سني اتحاد ڪائونسل آئين موجب مخصوص سيٽون حاصل نٿي ڪري سگهي، تحريڪ انصاف، سياسي پارٽي طور قانون ۽ آئين تي پورو لهي ٿي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن 80 اميدوارن جي ڊيٽا گڏ ڪئي، چونڊ نشان ختم ٿيڻ سان ڪنهن پارٽي جو اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو حق ختم ناهي ٿيندو. جسٽس يحيٰ آفريدي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته تحريڪ انصاف پارٽي جي حيثيت ۾ مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ جي قانوني ۽ آئيني حقدار آهي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا چونڊيل ميمبر پي ٽي آءِ جو قسم نامو ڏين، جن اميدوارن سرٽيفڪيٽ ڏنا اهي تحريڪ انصاف جا آهن اهي ائين ئي رهندا، پي ٽي آءِ جي چونڊيل اميدوارن کي ڪنهن ٻي پارٽي يا آزاد اميدوار قرار نٿو ڏئي سگهجي. جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس منيب اختر، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت اڪثريتي فيصلو ٻڌايو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس امين الدين خان درخواستن جي مخالفت ڪئي جڏهن ته جسٽس يحيٰ آفريدي اختلافي نوٽ لکيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي ڪڍي فيصلو ڏنو، ان بنياد تي پشاور هائيڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، اليڪشن ڪميشن غلط طور پي ٽي آءِ اميدوارن کي آزاد ڊڪليئر ڪيو، تحريڪ انصاف آزاد قرار ڏيڻ جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ئي نه ڪيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي، اليڪشن ڪميشن ٻيهر مخصوص سيٽن جي ورهاست ڪري، هاڻي پي ٽي آءِ جا چونڊيل ميمبر، پاڻ کي آزاد يا تحريڪ انصاف جو ڊڪليئر ڪن، تحريڪ انصاف ميمبرن تي ڪنهن قسم جو دٻاءُ نه هئڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون