تازه ترين

جمهوريت ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جو واحد رستو آهي : مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جمهوريت ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جو واحد رستو آهي، عوام آفيسرن کي همدرد نه ٿو مڃي ته خطري جي علامت سمجهڻ گهرجي، هو مصنوعي ذهانت ۽ سوشل ميڊيا جي دور ۾ آباد آهن، آفيسرن کي موسمياتي تبديلي، معاشي بدحالي، جاگرافيائي، سياسي غير يقيني صورتحال ۽ عوامي مسئلن جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو،  عوام نهايت بااختيار ۽ زميني حقيقتن تي ٻڌل نتيجا ڏسڻ جا حقدار آهن. وڏو وزير مراد علي شاهه نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مينجمنٽ پهچي ويو، جتي ڊي جي اين آءِ ايم سندس آڌرڀاءُ ڪيو. 35هين سينيئر مينجمنٽ ڪورس 19گريڊ جي آفيسرن جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو ٻن عورتن سميت سمورن 38 آفيسرن کي ڪورس مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ ڏئي ٿو، ٻڌايو ويو ته موجوده ايس ايم سي گروپ ۾ وفاقي حڪومت جي مختلف ڪيڊرز ۽ گروپس جا آفيسر شامل آهن. سندس چوڻ هو ته اين آءِ ايم ڪراچي جي خدمتن کي نظر ۾ رکندي هو يقين ڏياري ٿو ته سنڌ حڪومت هن اداري کي پنهنجو ادارو سمجهندي، اين آءِ ايم اداري سان پنهنجا رابطا وڌيڪ مضبوط ۽ سهڪار جاري رکندا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته يقين آهي ته نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جو نصاب صلاحيتن، تحقيق ۽ تجزهي جي موضون تي ٻڌل آهي، آفيسرن کي موسمياتي تبديلي، معاشي بدحالي، جاگرافيائي، سياسي غير يقيني صورتحال ۽ عوامي مسئلن جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته هو مصنوعي ذهانت ۽ سوشل ميڊيا جي دور ۾ رهن ٿا، عوام نهايت بااختيار ۽ زميني حقيقتن تي ٻڌل نتيجا ڏسڻ جو حقدار آهي، هي واحد طريقو آهي جنهن سان هو حڪومت تي عوام جو اعتماد بحال ڪري سگهن ٿا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حڪومتن وٽ ايماندار ۽ زميوار سرڪاري ملازمن تي ڀاڙڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي، جيڪڏهن عوام سرڪاري ملازمن کي پنهنجو همدرد نه ٿو مڃي ته خطري جي علامت سمجهڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
13 %
6kmh
0 %
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
30 °

تازه ترين خبرون