تازه ترين

سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي سزا برقرار رکندي درخواست رد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ اڳوڻي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي موت جي سزا برقرار رهندي خاص عدالت جي فيصلي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پرويز مشرف کي موت جي سزا برقرار رهندي، وفاقي حڪومت پرويز مشرف جي سزا خلاف اپيل جي مخالفت ڪئي ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خاندان مان درخواست تي پيروي لاءِ ڪو به سامهون نه آيو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ چار رڪني بينچ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي موت جي سزا خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل حامد خان، وڪيل سلمان صفدر ۽ ٻيا پيش ٿيا. وڪيل سلمان صفدر چيو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي گهرڀاتين کان ڪابه هدايت ناهي ملي، خاندان کي ڪيس بابت ڄاڻ آهي، نومبر کان هن وقت تائين 10 کان وڌيڪ ڀيرا رابطو ڪيو آهي، ڪيس جي حق يا مخالفت ۾ ڪابه هدايت ناهي ڏني وئي هو پرويز مشرف جي خاندان جي نمائندگي نه ڪري رهيو آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ سڌي ريت به نوٽيس جاري ڪيا هئا. وڪيل سلمان صفدر چيو ته سپريم ڪورٽ اخبار ۾ اشتهار ذريعي نوٽيس به ڪيا هئا، هو سپريم ڪورٽ ۾ ٻن صورتن ۾ عدالتي معاونت ڪري سگهي ٿو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اوهان رڳو قانوني صورتحال بابت عدالت جي معانت ڪري سگهو ٿا. وڪيل حامد خان چيو ته پرويز مشرف سزا خلاف اپيل داخل ڪئي آهي جيڪا ڪرمنل اپيل آهي جڏهن ته سندن درخواست لاهور هائيڪورٽ جي سزا ڪالعدم ڪرڻ جي فيصلي خلاف آهي جيڪو آئيني معاملو آهي ٻنهي درخواستن کي ڌار ڪري ٻڌو وڃي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته موجوده ڪيس ۾ لاهور هائيڪورٽ جي اختيار جو دائرو ۽ اپيل 2 ڌار معاملا آهن. وفاقي حڪومت پرويز مشرف جي سزا خلاف اپيل جي مخالفت ڪري ڇڏي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، ايڊيشنل اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان پرويز مشرف جي اپيل جي مخالفت ڪري رهيا آهيو يا حمايت؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته پرويز مشرف جي اپيل جي مخالفت ڪن ٿا. عدالت اڳوڻي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي موت جي سزا برقرار رهندي خاص عدالت جي فيصلي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
8 %
3.1kmh
0 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون