سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪئنيڊا ۾ هزارين ماڻهن طرفان ڀارت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
سک رياست خالصتان جي حامي هرديپ سنگهه نجر جي ڪئنيڊا ۾ قتل کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي.
هرديپ سنگهه جي قتل کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪئينڊا جي راڄڌاني وينڪور ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن طرفان ڀارت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
مظاهري کي خطاب ڪندي هرديپ سنگهه جي پٽ جگميت سنگهه چيو ته کيس پنهنجي والد لاءِ انصاف گهرجي، هو ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو منتظر آهي………….