تازه ترين
سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ل... آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر ع... سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪر... هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن:حافظ حمد ... ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪارونجهر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڌرتي ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آي...

شازيا عطا مري تحريڪ انصاف کي ڊجيٽل دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو

پ پ ايم اين اي شازيا عطا مري تحريڪ انصاف کي ڊجيٽل دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ناهي، قانونسازي ڪرڻ رڳو پارليامينٽ جو ئي ڪم آهي، تحريڪ انصاف ڊجيٽل دهشتگردي ۾ ملوث آهي، ڊجيٽل دهشتگردي ذريعي ماڻهن جا پٽڪا لاٿا پيا وڃن، ملڪ وڌيڪ نفرتون برداشت نه ٿو ڪري سگهي، هڪ شخص کي سڀ ڪجهه ڏئي عوام کي بک مرڻ نه ڏنو ويندو.

قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي شازيه مري چيو ته اليڪشن ايڪٽ بابت غلط تاثر ڏنو پيو وڃي، هي بل پارٽي سان وفاداري يقيني بڻائي ٿو ته غلط ڪيئن آهي.

سندس چوڻ هو ته قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، عدالت جو ناهي، اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ناهي.

پ پ ايم اين اي شازيه مري چيو ته ڊجيٽل دهشتگردي هاڻي هو برداشت نه ڪندا، چوندا هئا هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندا، 50 لک گهر ٺاهيندا، تحريڪ انصاف ڊجيٽل دهشتگردي ۾ ملوث آهي.

شازيه مري چيو ته ڊجيٽل دهشتگردي ذريعي ماڻهن جا پٽڪا لاٿا پيا وڃن، ملڪ وڌيڪ نفرتون برداشت نه ٿو ڪري سگهي، هڪ شخص کي سڀ ڪجهه ڏئي عوام کي بک مرڻ نه ڏنو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
58 %
3.2kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون