شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ تعليمي سال 2026ع لاءِ داخلا جو عمل شروع ٿي ويو

- Advertisement -
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ تعليمي سال 2026ع لاءِ داخلا جو عمل شروع ٿي ويو آهي. لطيف يونيورسٽي جي 30 کان وڌيڪ شعبن ۾  داخلا لاءِ پري انٽري ٽيسٽ شروع ٿي وئي آهي، يونيورسٽي اندر 120 کان مٿي بلاڪ قائم ڪيا ويا  آهن. يونيورسٽي جي مين ڪئمپس ۽ سب ڪئمپس گهوٽڪي ۾ داخلا جي لاءِ شاگرد ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن. پري انٽري ٽيسٽ لاءِ گڏيل طور تي 5 هزار کان وڌيڪ شاگردن پري انٽري ٽيسٽ لاءِ درخواستون ڏنيون. درخواستون ڏيندڙن اميدوارن ۾ 4 هزار 424 شاگرد ۽ هڪ هزار 16شاگردياڻيون شامل آهن، گهوٽڪي ڪئمپس ۾ 362 اميدوار انٽري ٽيسٽ ڏيندا. ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين شڪايت ڪئي ته کين انٽري ٽيسٽ ۾ ويهڻ لاءِ سلپ حاصل ڪرڻ ۾ مسئلا پيش آيا، ڪجهه شاگردن کي سلپ نه ملڻ سبب پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. انتظاميا مطابق سلپ جا فني مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن ۽ سڀني اميدوارن کي سهولتون مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته انٽري ٽيسٽ جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
33%
0.9m/s
30%
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
28 °

تازه ترين خبرون