تازه ترين

صدر آصف علي زرداري سان حڪومتي وفد جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري سان حڪومتي وفد جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نون وچ ۾ ڇڪتاڻ خاتم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. حڪومتي وفد نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ صدر آصف علي زرداري سان نوابشاهه ۾ ملاقات ڪئي، قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر اياز صادق ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به وفد ۾ شامل هئا. ذريعن موجب، حڪومتي وفد صدر زرداري کان خير خيريت معلوم ڪئي، ملاقات تعميري ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران ملڪ ۾ سڪيورٽي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو به ورتو ويو، جڏهن ته علاقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهيون ٿيون. ذريعن موجب، نائب وزيراعظم، صدر مملڪت کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هاڻوڪي اجلاس بابت آگاهي ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته  ملاقات دوران پ پ ۽ ن ليگ جي اڳواڻن جي هاڻوڪي بيانن جو جائزو ورتو ويو، حڪومتي وفد صدر کي وزيراعظم جو خاص پيغام به پهچايو. ذريعن موجب، صدر آصف علي زرداري مسڪرائيندي اياز صادق کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي هوندي به ڏسو ڇا ٿي رهيو آهي، اسحاق ڊار به هميشه بردباري جون ڳالهيون ڪندو آهي ته هاڻي اهڙو ڇا ٿيو؟. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر مملڪت چيو ته اوهان پنهنجي دوستن کي سمجهايو سوچي سمجهي بيان ڏيندا ڪريو، هو به پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي سمجهائيندا ته اهي به صبر ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪن. ذريعن موجب، آصف علي زرداري چيو ته هو ته کليل دل سان جمهوريت خاطر اوهان سان سهڪار ڪري رهيا آهن، هو نٿا چاهن ته بيانن سبب معاملا خراب ٿين. حڪومتي وفد صدر کي خاطري ڪرائيندي چيو ته مسلم ليگ نون طرفان به ڪو تڪراري بيان سامهون نه ايندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نون وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن موجب، ملاقات دوران ٻنهي پاسن کان سخت بيان نه ڏيڻ بابت به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. نائب وزيراعظم ۽ قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر اياز صادق واپس اسلام آباد پهچي ويا، ٻئي اڳواڻ وزيراعظم شهباز شريف کي صدر زراداري سان ملاقات تي اعتماد ۾ وٺندا. اسپيڪر اياز صادق به ملاقات جي نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
24 %
3.3kmh
1 %
آچر
27 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون