- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري سڀاڻي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس طلب ڪري ورتا آهن.
وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائس تي صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو.
اجلاس سڀاڻي شام پنج وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.
صدر سينيٽ جو اجلاس به سڀاڻي شام چار وڳي طلب ڪيو آهي.
صدر آصف علي زرداري ٻئي اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54 تحت طلب ڪيا آهن.
اجلاس ڏهن ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
ٻنهي اجلاسن ۾ اهم قانونسازي ڪئي ويندي.
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ۾ هلندڙ اجلاس دوران ئي طلب ڪيو ويندو.
جيڪي قانون سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پاس نه ٿي سگهيا اهي گڏيل اجلاس مان منظور ڪرايا ويندا.
- Advertisement -
