عدالتي سڌارا ضروري آهن ان تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجڻ گهرجي:بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عدالتي سڌارا ضروري آهن ان تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجڻ گهرجي، 26هين آئيني ترميم بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ ڊرافٽ ڪوڙو آهي، پ پ پنهنجو ۽ مولانا پنهنجو ڊرافٽ تيار ڪري رهيو آهي، ڪوشش  آهي ته گڏيل ڊرافٽ تي اتفاق ڪيو وڃي. خانگي ٽي وي چئنلن سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيوته آئيني عدالت قائم ڪرڻ بابت پيپلزپارٽي پنهنجو ڊرافٽ تيار ڪري رهي آهي، جيڪو مولانا فضل الرحمان سان شيئر ڪيو ويندو. هن چيو ته  مولانا فضل الرحمان به پنهنجو ڊرافٽ تيار  ڪري رهيو آهي، ڪوشش آهي ته گڏيل ڊرافٽ تي اتفاق ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداريءَ 26هين آئيني ترميم بابت ميڊيا تي هلندڙ ڊرافٽ اصلي ناهي. پ پ چيئرمين چيو ته آئيني عدالت ٺاهڻ جا ڪيترائي سبب آهن، سندن ڊرافٽ موجب چيف جسٽس جي ملازمت جو مدو 3 سال هجڻ  گهرجي، دنيا ۾ ڪٿي به ڏسو ججن جي مقرري جج ئي ڪندا آهن.. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  حڪومتي تجويزن مان لڳي رهيو هو ته هو ڪجهه ٻيو پلان ڪري رهيا آهن. پ پ چيئرمين چيو  ته ارڙهين ترميم وقت هنن ٻيون به ڪيتريون ئي ترميمون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي،  تجويز هئي ته هڪ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا جج مقرر ڪري پر تڏهوڪي چيف جسٽس افتخار چوڌري بليڪ ميل ڪيو ته ججن جي مقرريءَ جو اختيار کين واپس ڏنو وڃي ۽ ترميم ڪرڻ نه ڏني. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کيس ڪو به شڪ ناهي ته ايندڙ چيف جسٽس منصور علي شاهه هوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
60%
1m/s
1%
خميس
20 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون