تازه ترين

عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جون سزا خلاف درخواستن جي ٻڌڻي

- Advertisement -
اسلام آباد جي عدالت عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جون سزا خلاف درخواستون منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي خاور مانيڪا جون ٻئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون، عدالت جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل نه آهن ته آزاد ڪيو وڃي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا، عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جون سزا خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران خاور مانيڪا جو وڪيل ايڊووڪيٽ زاهد آصف، پي ٽي آءِ باني جو وڪيل عمران صابر، مرتضيٰ طوري، زاهد ڊار ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. خاور مانيڪا جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ٽرائل دوران پي ٽي آءِ باني ۽ بشري بي بي جي وڪيلن طرفان شاهد آڻڻ جو چيو ويو، جيڪڏهن شاهد آڻڻ چاهن ٿا ته کين ڪوبه اعتراض ناهي، بشري بي بي ڪنهن به هنڌ مفتي سعيد کي ناهي چيو ته سندس عدت پوري ٿي وئي آهي، سندن وڪيل بار بار چيو ته بشري بي بي جو بيان قطعي هوندو، ڪٿي آهي اهو بيان جتي لکيل هجي ته بشري بي بي عدت دوران نڪاح ناهي ڪيو. خاور مانيڪا جي وڪيل دليل مڪمل ڪري سيڪشن 496 ۽ سيڪشن 494 ۾ به سزا ڏيڻ جي اپيل ڪئي. بشري بي بي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته 342 جي بيان ۾ سوال نمبر 2 ۾ بشري بي بي جو بيان موجود آهي، طلاق جي ٽن کان چئن مهينن بعد خاور مانيڪا به شادي ڪئي ۽ سندس چئن ورهين جي نياڻي به آهي. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سلمان اڪرم راجا جواب الجواب دليل ڏيندي چيو ته هڪ شئي ۾ نقص ٿي سگهي ٿو ان کي فراڊ نٿو چئي سگهي، 90 ڏينهن جو وقت هن ڪيس ۾ غير لاڳاپيل آهي، طلاق جو نوٽيس خاور مانيڪا ناهي ڏنو ته 90 ڏينهن جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو. عدالت محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جون سزا خلاف درخواستون منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي خاور مانيڪا جون ٻئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون