تازه ترين

عليما خان جا چوٿون ڀيرو ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

- Advertisement -
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 26 نومبر احتجاج ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان جا چوٿون ڀيرو ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه عليمه خان خلاف 26 نومبر احتجاج ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت عليمه خان کي گرفتار ڪري جمعي ڏينهن 24 آڪٽوبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت عليمه خان جا هڪ لک رپيا ضمانتي ڪاغذ ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هن ڀيري سٽي پوليس آفيسر کي گرفتاري وارنٽ تي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عليمه خان جي ضامن محمد شريف کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، گارنٽر عليمه خان جي هڪ لک رپين جي ضمانت جي گارنٽي ڏنل آهي. عليمه خان جي روپوش ٿيڻ سان لاڳاپيل پوليس جي رپورٽ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اطهار ڪندي چيو ته رپورٽ بوگس آهي. عدالت بوگس رپورٽ ڏيڻ تي ايس پي راول محمد سعد ۽ ڊي ايس پي وارث خان نعيم کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ٻنهي پوليس آفيسرن کي 24 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ عدالت طلب ڪيو ويو آهي. عدالت جو چوڻ هو ته پوليس آفيسرن عليمه خان جي بوگس ۽ هٿ ٺوڪي رپورٽ جمع ڪرائي، جيڪڏهن عليمه خان روپوش آهي ته سندس ميڊيا ٽاڪ ڪهڙي طرح نشر ٿين ٿيون؟ ان تي به سوال اٿاريا ويا. عليمه خان جي موجودگي بابت سوشل ۽ ٻي ميڊيا تي رپورٽون موجود آهن. ان کانسواءِ عدالت چئن گاڏين جا 85 لک رپين جا شورٽي بانڊز به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
11 %
4.1kmh
0 %
سُومر
24 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون