تازه ترين

باجوڙ جي علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي خارجين خلاف ڪامياب ڪاررواين دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو

- Advertisement -
باجوڙ جي علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي خارجين خلاف ڪامياب ڪاررواين دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، سندس ساٿي زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويا. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڪارروايون جاري آهن، فورسز شاهي تنگي جي ٻيلي ۾ موجود خارجين جي ٿاڪن ۽ سرنگهن کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع جي بنياد تي سڪيورٽي فورسز هڪ غار تي ڪڙو چاڙهي ڀرپور ڪارروائي ڪئي. سڪيورٽي ذريعن موجب ڪارروائي دوران خارجين ۽ فورسز وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ خارجي مارجي ويو ۽ سندس ساٿي زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويا. سڪيورٽي ذريعن موجب فورسز علائقي ۾ موجود سرنگهن ۽ ويجهن هنڌن کي به ڪليئر ڪري ڇڏيو. سڪيورٽي ذريعن موجب ڪارروائي دوران خوارجين وٽان هٿيار، بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو. پاڪ فوج ۽ سڪيورٽي ادارا ملڪ مان دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
13 %
3.8kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون