تازه ترين

غزه تي اسرائيلي فوج جا حملا جاري ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 107 فلسطيني شهيد

غزه تي اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 107 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيد فلسطينين جو انگ 28 هزار تائين پهچي ويو، 67 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن.

عرب ميڊيا موجب، خان يونس ۾ النصر اسپتال تي حملا جاري آهن جڏهن ته يهودي فوج وچ غزه ۾ اسڪول تي بمباري پڻ ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي معصوم ماڻهو شهيد ٿي ويا.

ٻئي پاسي جنگي جنون ۾ مبتلا اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو يهودي فوج کان رفح تي حملي جو منصوبو گھري ورتو آهي.

نيتن ياهو فوج کي حڪم ڏنو آهي ته هو غزه ۾ رفح جي پناهگير علائقي رفح تي حملي جو منصوبو پيش ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي اسرائيلي ڪارروائين جي حمايت ڪندڙ امريڪي صدر جوبائيڊن کي هاڻي غزه تي حملن کي حد کان وڌيڪ قرار ڏنو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
33.8 ° C
33.8 °
33.8 °
26 %
3.6kmh
30 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
35 °
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون