سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان چيو آهي ته غزه ۾ بحاليءَ تي ڳالهه ٻولهه کان اڳ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي ته ٻيهر جنگ نه ٿئي، فلسطين مسئلي جو مستقل حل خطي ۽ سڄي دنيا جي مفاد ۾ آهي.
رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس کي خطاب ڪندي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان چيو ته غزه جي صورتحال هر لحاظ کان تباهي واري آهي، فوجي ڪارواين ۾ اضافي جا سنگين نتيجا نڪرندا، جيڪڏهن جنگ بند نه ٿي ته غزه ۾ انساني بحران وڌيڪ خراب ٿي ويندو ۽ خطي کي تباهي کي منهن ڏيڻو پوندو.
هن چيو ته غزه جي ٻيهر تعمير لاءِ 30 سال گهربل آهن، هاڻي لفظن کان عمل طرف وڌڻو پوندو ۽ هو امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان ان مسئلي تي ڳالهائيندو.
سعودي پرڏيهي وزير چيو ته جنگ بندي جي تازي تجويز غزه جي پٽي ۾ جنگ بندي تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ڪافي هوندي، فلسطين-اسرائيلي تڪرار جي ٻن رياستي حل لاءِ صرف هڪ حقيقي عزم غزه ۾ جنگ جي بحاليءَ کي روڪي سگهي ٿو.
فلسطين مسئلي جو مستقل حل خطي ۽ سڄي دنيا جي مفاد ۾ آهي : فيصل بن فرحان
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10
°
C
10
°
10
°
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


