تازه ترين

وڏي وزير مراد علي شاهه پوليو جي خاتمي واري خصوصي مهم ۽ گلشن اڪاخيل، گڏاپ جي ڊسپينسري جو افتتاح ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ملير ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پوليو جي خاتمي واري خصوصي مهم ۽ گلشن اڪاخيل، گڏاپ جي ڊسپينسري جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پوليو جي خاتمي واري خصوصي مهم صوبي جي 24 ضلعن ۾ شروع ڪئي وئي آهي، اڄ کان 3 مئي تائين جاري مهم ۾ 80 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. ملير ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پوليو جي خاتمي واري خصوصي مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وڏي وزير، گلشن اڪاخيل گڏاپ ۾ نئين تعمير ٿيل ڊسپينسري ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا. ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، صحت وارو سيڪريٽري، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، اي پي آءِ، پي پي ايڇ آءِ جا نمائندا ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پوليو جي خاتمي واري خصوصي مهم صوبي جي 24 ضلعن ۾ شروع ڪئي وئي آهي، اڄ کان 3 مئي تائين جاري مهم ۾ 80 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. وڏي وزير پوليو مهم ۾ ڪم ڪندڙ هيلٿ ورڪرز کي سڪيورٽي ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ لاءِ انتظاميا توڙي پوليس کي هدايت ڪئي. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ صحت واري سيڪريٽري پوليو مهم بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني. وڏي وزير مراد علي شاهه پوليو مهم جي افتتاح جي موقعي تي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري تحفا به ڏنا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پوليو جي خاتمي واري خصوصي مهم ۾ سنڌ حڪومت 62 هزار فرنٽ لائن ورڪرن کي مقرر ڪيو آهي، پوليو ٽيم پنجن سالن کان گهٽ عمر جي سمورن ٻارڙن کي گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ٽرانزٽ پوائنٽس تي ويڪسين فراهم ڪندي. سندس چوڻ هو ته سندن عزم آهي ته ٻارن جي حفاظت کي يقيني بڻائن، پوليو جي خاتمي واري خصوصي مهم کي مڪمل ۽ محفوظ بڻائن لاءِ چار هزار کان وڌيڪ سڪيورٽي اهلڪار گڏ آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سڄي سنڌ ۾ 11 مختلف هنڌن تي ماحولياتي نمونن جي ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي، ماحولياتي نمونن جي هاڪاري اچڻ سان وائرس جي وڌندڙ گردش بابت خدشا پيدا ٿيا آهن. هن چيو ته سندن فعال قدم وائرس جي پکيڙ کي هاڪاري طريقي سان روڪڻ لاءِ تيار آهن، هو سمورن والدين ۽ خاندان جي هر ماڻهو کي اپيل ڪن ٿا ته ٻارن کي هن معذوري کان بچائڻ لاءِ فعال طور تي مهم ۾ حصو وٺن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته استاد، ميڊيا ۽ ڪاروباري ادارن کي اپيل آهي ته ماڻهن کي پوليو کان خاتمي واري مهم بابت آگاهي ڏين، اچو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۽ پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جو عزم ڪريون. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گلشن اڪاخيل گڏاپ جي ڊسپينري جي ربن ڪاٽي افتتاح ڪري ڇڏيو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گلشن اڪاخيل گورنمينٽ ڊسپينسري قائم ٿيڻ سان علائقي جي عوام کي طبي سهولتون ملنديون. وڏي وزير جي ترجمان موجب، وڏي وزير مراد علي شاهه گلشن اڪاخيل گورنمينٽ ڊسپينسري جو معائنو به ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير کي گجرو ۽ گلشن اڪاخيل بابت مختصر بريفنگ ڏني وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
28 %
3.7kmh
9 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون