فلسطين مسئلي جو مستقل حل خطي ۽ سڄي دنيا جي مفاد ۾ آهي : فيصل بن فرحان

spot_img
سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان چيو آهي ته غزه ۾ بحاليءَ تي ڳالهه ٻولهه کان اڳ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي ته ٻيهر جنگ نه ٿئي، فلسطين مسئلي جو مستقل حل خطي ۽ سڄي دنيا جي مفاد ۾ آهي. رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس کي خطاب ڪندي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان چيو ته غزه جي صورتحال هر لحاظ کان تباهي واري آهي، فوجي ڪارواين ۾ اضافي جا سنگين نتيجا نڪرندا،   جيڪڏهن جنگ بند نه ٿي ته غزه ۾ انساني بحران وڌيڪ خراب ٿي ويندو ۽ خطي کي تباهي کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته غزه جي ٻيهر تعمير لاءِ 30 سال گهربل آهن، هاڻي لفظن کان عمل طرف وڌڻو پوندو ۽ هو امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان ان مسئلي تي ڳالهائيندو. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته جنگ بندي جي تازي تجويز غزه جي پٽي ۾ جنگ بندي تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ڪافي هوندي،   فلسطين-اسرائيلي تڪرار جي ٻن رياستي حل لاءِ صرف هڪ حقيقي عزم غزه ۾ جنگ جي بحاليءَ کي روڪي سگهي ٿو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10 ° C
10 °
10 °
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون