تازه ترين

مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات

مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري پي ٽي آءِ تي پابندي سميت مختلف قدم کڻڻ تي صلاح مشورا ڪيا ۽ اتحادين سان رابطا تيز ڪرڻ تي مشاورت ڪئي آهي.

ن ليگ جي ذريعن موجب مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف ڇانگا مانگا مري ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ذريعن موجب ملاقات ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي سميت ٻين قدمن تي عمل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ تي مشاورت ڪئي وئي.

ملاقات ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به شامل هئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي ٽنهي وڏن اڳواڻن وچ ۾ هي چوٿين ملاقات ٿي آهي.

ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري سميت اتحادين سان رابطن ۽ مشاورت بابت آگاهي پڻ ڏني.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مشاورتي  عمل ۾ ڪيل سمورن فيصلن بابت مسلم ليگ ن جي سينيئر قيادت کي به آگاهه ڪيو ويو آهي….

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
11 %
2.1kmh
8 %
سُومر
19 °
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
21 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون