تازه ترين

مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سياسي سهڪار تي اصولي طور اتفاق ڪري ورتو

مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سياسي سهڪار تي اصولي طور اتفاق ڪري ورتو آهي.

حڪومت ٺاهڻ جي سلسلي ۾ شهباز شريف وفد جي صورت ۾ آصف زرداري ۽ بلاول سان ملاقات ڪري حڪومت ٺاهڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تي پيپلزپارٽي غور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي قيادت ۾ ن ليگ جي وفد بلاول هائوس اسلام آباد ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان ملاقات ڪئي.

وفد ۾ اعظم نذير تارڙ، اياز صادق، احسن اقبال، راڻا تنوير، خواجا سعد رفيق، ملڪ احمد خان، مريم اورنگزيب ۽ شزا فاطمه شامل هئا.

ٻنهي پارٽين وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت ٺاهڻ جي سلسلي ۾ ملاقات تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

ذريعن موجب شهباز شريف، آصف زرداري کي نواز شريف جو پيغام پهچايو ۽ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڀريو.

ملاقات ۾ اليڪشن جي بعد نمبر گيم تي مشورا ۽ گڏجي حڪومت ٺاهڻ توڙي ٻين آپشنز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ن ليگ پنهنجي آڇ پيش ڪئي، جنهن تي آصف زرداري غور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

پيپلزپارٽي جي قيادت  جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي آڇ ۽ تجويزن کي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ رکيو ويندو.

ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين جي قائدين ۾ اتفاق ٿيو ته سياسي عدم استحڪام کي ختم ڪري ملڪ کي بچايو ويندو، عوام جي اڪثريت کين مينڊيٽ ڏنو آهي، عوام کي مايوس ناهي ڪرڻو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
11.1 ° C
11.1 °
11.1 °
19 %
2.6kmh
69 %
اربع
10 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون