- Advertisement -
ايس ايس پي فرخ لنجار چيو آهي ته نان اشو کي هٿ وٺي اشو ٺاهي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، وڪيلن جو روڊ بلاڪ ڪرڻ خوفناڪ عمل هو، عورتن، ٻارن بيمار ماڻھن کي پريشان ڪيو ويو.
سنڌ ٽي وي نيوز جي رپورٽر ڪرائيم رپورٽ ۾ ڳالهائيندي ايس ايس پي فرخ لنجار چيو ته هڪڙو مڇريل جٿو آفيس ۾ گهڙي آيو ۽ اسٽاف کي يرغمال بڻايو.
هن چيو ته هنن صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو، وڪيلن کي عدالتي جاچ جي آڇ ڪئي وئي، جنهن جو به ڏوھ هوندو ان کي سزا ملندي.
ايس ايس پي چيو ته ڪارن شيشن ۽ فينسي پليٽن خلاف درجنين ايف آءِ آرون داخل ڪيون آھن، اها هڪڙي ذهنيت بڻجي وئي آھي ته مون تي قانون لاڳو نه ٿيندو.
فرخ لنجار چيو ته پوليس هڪڙي ايم پي اي خلاف ڪاروائي ڪئي، هن سندن ڪاروائي کي ساراهيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي فرخ لنجار چيو ته هو روٽين جي موڪل تي آهي، روٽين جي موڪل ڊي آءِ جي ڏيندو آھي.- Advertisement -
