- Advertisement -
پاڪستان ڇهن مهينن ۾ آءِ ايم ايف جون وڏيون شرطون پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.
ناڻي واري وزارت طرفان موجوده مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن جي خرچن ۽ آمدنيءَ جا تفصيل جاري ڪيا آهن، جنهن موجب پاڪستان پهرين ڇهن مهينن ۾ عالمي مالياتي فنڊ جون شرطون مڪمل ڪيون .
رپورٽ ۾ چيو ويو ته 29 ارب هدف جي ڀيٽ ۾ پرائمري سرپلس 36 سئو ارب رپين تائين پهچي ويو، اهڙيءَ ريت چئن صوبن 750 ارب هدف جي ڀيٽ ۾ 776 ارب سرپلس بجيٽ ڏني.
ناڻي واري وزارت موجب صوبن 376 ارب رپيا روينيو جي حدف جي ڀيٽ ۾ 442 ارب ٽيڪس جمع ڪئي، اهڙيءَ ريت زرعي آمدنيءَ تي ٽيڪس تي عمل سان روينيو ۾ اضافي جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب ڇهن مهينن ۾ ايف بي آر کي ٽيڪس روينيو ۾ 384 ارب رپيا شارٽ فال کي منهن ڏيڻو پيو، 6 هزار 9 ارب رپين جي حدف جي ڀيٽ ۾ 5 هزار 624 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪئي وپئي، اند وران واپار دوست اسڪيم تحت 23 ڏهائي 4 ارب رپيا ٽيڪس جمع ڪرڻ جو حدف به پورو نه ٿي سگهيو.
ناڻي واري وزارت جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 5 هزار 887 رپيا رهي ۽ خرچ 8 هزار 200 ارب رپين کان وڌي ويا..- Advertisement -
