تازه ترين

نوازشريف جا هٿ پير ٻڌڻ کانسواءِ ميدان ۾ لاهيو، سڀني کي خبر پئجي ويندي: جاويد لطيف

ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته نوازشريف جا هٿ پير ٻڌڻ کانسواءِ ميدان ۾ لاهيو، سڀني کي خبر پئجي ويندي، اهڙو تاثر پيدا ڪيو پيو وڃي ته ڄڻ کين انصاف نه پر فيور ملي رهي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته جڏهن کين انصاف ملي ٿو ته لاڏلو چيو پيو وڃي، جاويد هاشميءَ اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته نوازشريف کي عدليا ذريعي ڪڍيو ويندو.

هن چيو ته عوام 21 آڪٽوبر تي ثابت ڪري ڇڏيو ته ملڪ جو مستقبل نوازشريف سان واڳيل آهي، پاڪستان خراب ڪندڙن ۽ ٺاهيندڙن کي هڪ لٺ سان هلائي نه ٿو سگهجي.

جاويد لطيف  چيو ته هو پنهنجو نه پر قانون ۽ آئين جو احترام چاهن ٿا، نوازشريف کي ملڪ کي باوقار رياست طور اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته ادارن کي گذارش آهي ته پاڪستان تي رحم ڪريو، ووٽ کي عزت ڏيو، جيترو جلد ٿي سگهي اليڪشن ڪرائي وڃي، قبولي تي سودي بازي نه ڪئي وڃي……

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون