تازه ترين

هو چاهي ته اسرائيل کي غزه ۾ واپس موڪلي حماس کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگھي ٿو: امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو چاهي ته اسرائيل کي غزه ۾ واپس موڪلي حماس کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگھي ٿو. آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيز سان وائٽ هائوس ۾ ملاقات دوران صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته هنن حماس سان هڪ معاهدو ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته هو سٺو ورتاءُ ڪندا، صدر ٽرمپ ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايئرن نه ٿيو ته حماس کي ختم ڪرڻو پوندو. امريڪي صدر موجب، جيڪڏهن هو حڪم ڏئي ته اسرائيلي فوج ٻن منٽن ۾ غزه جي اندر وڃي حماس جو خاتمو آڻي سگھي ٿي پر هو فلحال معاملي کي ٿڌو رکڻ ۽ جنگ بندي قائم رکڻ جي پاليسي اختيار ڪري رهيو آهي. چين بابت ڳالهائيندي امريڪي صدر چيو ته کيس چين جي دوري جي دعوت ڏني وئي آهي ۽ ايندڙ سال جي شروع ۾ دوري جي هو ايندڙ سال جي شروع ۾ چين جو دورو ڪندو. امريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ڏکڻ ڪوريا ۾ چيني صدر سي جن پنگ سان ملاقات دوران واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي اميد آهي، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته پهرين نومبر کان 155 سيڪڙو ٽيرف لڳائيندا…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
11 %
3kmh
0 %
اربع
34 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون