تازه ترين

وفاقي ڪابينا، فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيلي ظلم سبب متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ وزيراعظم فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني

- Advertisement -
وفاقي ڪابينا، فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيلي ظلم سبب متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ وزيراعظم فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ طئه ٿيل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران وزيراعظم فنڊ قائم ڪرڻ بابت اسٽيٽ بئنڪ جو اڪائونٽ کولڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون. ترقي ۽ رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال فلسطين ۽ لبنان لاءِ امدادي ڪاررواين جي نگراني ڪندو. اجلاس دوران  آءِ ٽي واري وزارت طرفان وفاقي وزارتن ۽ ادارن ۾ ايِ آفيس لاڳو ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته حڪومت ايِ گورننس لاڳو ڪرڻ بابت گڏيل قومن جي ايِ گورننس ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن ۾ 14 درجا بهتري ٿي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي سمورين 40 ڊويزنن ۾ اي آفيس لاڳو ڪرڻ جو عمل جاري آهي. وفاقي ڪابينا ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي فيصلن جي روشنيءَ ۾ ماهگيري جي شعبي ۾ سبسڊيز جي معاهدي جي منظوري ڏني. ڪابينا پرڏيهي وزارت جي سفارش تي پرڏيهي وزارت ۽ رونڊا جي پرڏيهي وزارت وچ ۾ ٻطرفي سياسي صلاح مشورن واري مفاهمتي يادداشت جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا بلوچساتان هائيڪورٽ جي حڪمن ۽ قانون واري وزارت جي سفارش تي جڊيشل مئجسٽريٽ ون گوادر ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ون حب کي منشيات جا ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏني.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون