ٽنڊوباگو پوليس ڌار ڌار ڪاررواين دوران 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 4 مڻ 10 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته چيڪنگ دوران ڪار تي ڇاپو هڻي 2 جوابدارن نياز کوسو ۽ عدنان آرائين کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 3 مڻ 10 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو.
پوليس موجب ٻي ڪارروائي ۾ ڪار تي ڇاپي دوران هڪ مڻ چرس هٿ ڪري هڪ جوابدار زمان کوسو کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.