تازه ترين

 پاڪستان جي ليجنڊري  اداڪار لطيف ڪپاڊيا جي اڄ 90 هين سالگره ملهائي پئي وڃي.

- Advertisement -
پاڪستان جي ليجنڊري  اداڪار لطيف ڪپاڊيا جي اڄ 90 هين سالگره ملهائي پئي وڃي. اداڪار لطيف ڪپاڊيا 27 مارچ 1934ع ۾ ڀارت جي شهر ناسڪ ۾ جنم ورتو، پاڪستان جي قيام کانپوءِ هو هجرت ڪري ڪراچي ۾ آباد ٿيو. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ٿيٽر عروج تي هو، تڏهن لطيف ڪپاڊيا ڪيترن ئي ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا ۽  ٿيٽر آرٽسٽ جي حيثيت سان پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي. لطيف ڪپاڊيا 1953ع ۾ ٿيٽر مان  اداڪاري جي شروعات ڪئي ۽ ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. 1967ع ۾ لطيف ڪپاڊيا جو پي ٽي وي تي پهريون ٽي وي ڊرامو ”شيشي جا ماڻهو“ پيش ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هن بارش، ففٽي ففٽي، برزخ، نادان ناديا ۽ شڪست آرزو ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. لطيف ڪپاڊيا پڻ هڪ خدا ترس انسان هو جنهن جو مقصد سماج جي غريب ۽ وچولي طبقي تائين سستي ۽ معياري سهولتن جي رسائي فراهم ڪرڻ هو. لطيف ڪپاڊيا جي پٽ احمد ڪپاڊيا پنهنجي والد جي عظيم مشن کي جاري رکندي 2007ع ۾ لطيف ڪپاڊيا ميموريل ويلفيئر ٽرسٽ قائم ڪيو، جيڪو تعليم، صحت، غربت جي خاتمي سميت ڪيترن ئي فلاحي سرگرمين ۾ اڳڀرو آهي. اڄ سندس 90 هين سالگرهه جي موقعي تي عطيه ۽ صدقه لطيف ڪپاڊيا ميموريل ويلفيئر ٽرسٽ کي ڏنا وڃن ته جيئن ڏکايل انسانيت جي ڀلائي جو مشن جاري رکي سگهجي. لطيف ڪپاڊيا کي سندس فني خدمتن جي اعتراف ۾ 23 مارچ 2001ع تي حسن ڪارڪردگي جي ميڊل سان نوازيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
1 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
28 ° C
28 °
28 °
43 %
3.5kmh
26 %
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
33 °

تازه ترين خبرون