تازه ترين
سنڌ حڪومت پاران ٽيڪس چورن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو پوليس ڏوهن جي خاتمي ۽ عوام کي تحفظ لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهي : آءِ جي سنڌ شڪارپور جي عدالت چرس رکڻ جي ڏوھه ۾ جوابدار کي 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي سگرار مان اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ جوڙيل گڏيل جوائنٽ انويٽيگيشن جو اجلاس نوابشاه... ميان صاحب ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا قتل وزيراعظم شهباز شريف طرفان ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريڊ سسٽم ۾ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو ا... غزه تي پاڪستان ۽ ايران جو موقف ساڳيو آهي، پرڏيهي آفيس پنجاب حڪومت طرفان ايمرجنسي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ حادثن جي صورت ۾ ائير ايمبولينس سروس استعمال ڪرڻ جو فيص... ڪي پي جي وڏي وزير طرفان اسلام آباد تي حملي جي ڌمڪي نهايت سنگين معاملو آهي : خواجا سعد رفيق پاڪستان خطي ۾ سڀ کان اهم شراڪت دارن مان هڪ آهي، آمريڪا جو پاڪستان سان مضبوط رشتو آهي : ويدانت پٽيل

 پاڪستان جي ليجنڊري  اداڪار لطيف ڪپاڊيا جي اڄ 90 هين سالگره ملهائي پئي وڃي.

پاڪستان جي ليجنڊري  اداڪار لطيف ڪپاڊيا جي اڄ 90 هين سالگره ملهائي پئي وڃي.

اداڪار لطيف ڪپاڊيا 27 مارچ 1934ع ۾ ڀارت جي شهر ناسڪ ۾ جنم ورتو، پاڪستان جي قيام کانپوءِ هو هجرت ڪري ڪراچي ۾ آباد ٿيو.

پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ٿيٽر عروج تي هو، تڏهن لطيف ڪپاڊيا ڪيترن ئي ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا ۽  ٿيٽر آرٽسٽ جي حيثيت سان پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي.

لطيف ڪپاڊيا 1953ع ۾ ٿيٽر مان  اداڪاري جي شروعات ڪئي ۽ ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

1967ع ۾ لطيف ڪپاڊيا جو پي ٽي وي تي پهريون ٽي وي ڊرامو ”شيشي جا ماڻهو“ پيش ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هن بارش، ففٽي ففٽي، برزخ، نادان ناديا ۽ شڪست آرزو ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

لطيف ڪپاڊيا پڻ هڪ خدا ترس انسان هو جنهن جو مقصد سماج جي غريب ۽ وچولي طبقي تائين سستي ۽ معياري سهولتن جي رسائي فراهم ڪرڻ هو.

لطيف ڪپاڊيا جي پٽ احمد ڪپاڊيا پنهنجي والد جي عظيم مشن کي جاري رکندي 2007ع ۾ لطيف ڪپاڊيا ميموريل ويلفيئر ٽرسٽ قائم ڪيو، جيڪو تعليم، صحت، غربت جي خاتمي سميت ڪيترن ئي فلاحي سرگرمين ۾ اڳڀرو آهي.

اڄ سندس 90 هين سالگرهه جي موقعي تي عطيه ۽ صدقه لطيف ڪپاڊيا ميموريل ويلفيئر ٽرسٽ کي ڏنا وڃن ته جيئن ڏکايل انسانيت جي ڀلائي جو مشن جاري رکي سگهجي.

لطيف ڪپاڊيا کي سندس فني خدمتن جي اعتراف ۾ 23 مارچ 2001ع تي حسن ڪارڪردگي جي ميڊل سان نوازيو ويو هو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
18 ° C
18 °
18 °
39 %
3.9kmh
29 %
ڇنڇر
21 °
آچر
22 °
سُومر
20 °
اڱارو
21 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون