تازه ترين

پشاور هاءِ ڪورٽ  مخصوص سيٽن تي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کان قسم کڻائڻ بابت داخل درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

پشاور هاءِ ڪورٽ  مخصوص سيٽن تي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کان قسم کڻائڻ بابت داخل درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

جسٽس ايس ايم عتيق شاهه ۽ جسٽس شڪيل احمد مخصوص سيٽن تي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کان قسم  کڻائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس عتيق شاهه اسپيڪر جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اسپيڪر مخصوص سيٽن تي ميمبرن کان قسم کڻائڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي؟.

اسپيڪر جي وڪيل علي عظيم آفريدي جواب ڏنو ته نه اهڙي ڳالهه ناهي، پهريون ڀيرو گورنر جو آرڊر اپوزيشن ليڊر ذريعي آيو آهي، جيڪو مناسب طريقو نه آهي.

جسٽس عتيق شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪنهن گورنر جي حڪم کي چئلينج ڪيو آهي؟.

وڪيل علي عظيم آفريدي جواب ڏنو ته گورنر جي حڪم کي ڪنهن به چئلينج ناهي ڪيو، 21 مارچ تي صوبائي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي خط لکيو هو.

جسٽس شڪيل احمد چيو ته سيڪريٽري جي خط کي ڇڏيو، اهو ٻڌايو ته ڇا گورنر اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو يا نه؟.

وڪيل علي عظيم آفريدي جواب ڏنو ته آرٽيڪل 109 تحت گورنر اجلاس گهرائي سگهي ٿو، جيڪڏهن گورنر ائين ڪندو ته پوءِ وڏو وزير بي اختيار ٿي ويندو.

جسٽس شڪيل احمد چيو ته ڇا توهان انهن کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي آئوٽ ڪرڻ چاهيو ٿا؟.

وڪيل علي عظيم آفريدي جواب ڏنو ته اسان کين آئوٽ ڪرڻ نٿا چاهيون، هاڻي اسيمبلي جو اجلاس نٿو هلي سگهي.

درخواستگذار جي وڪيل عامر جاويد ايڊووڪيٽ چيو ته ميمبرن کان قسم چيمبر ۾ به کڻائي سگهجي ٿو.

جسٽس ايس ايم عتيق شاهه پڇاڻو ڪيو ته هنن وٽ ته اسيمبلي ۾ اڪثريت آهي ته پوءِ ميمبرن کان قسم  ڇو نه کڻائي رهيا آهن؟.

اسيمبلي جي اسپيڪر علي عظيم آفريدي جواب ڏنو ته بلديو ڪمار ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي.

جسٽس ايس ايم عتيق شاهه چيو ته ان وقت ٻه مسئلا هئا، پروڊڪشن آرڊر ۽ سندس حلف.

وڪيل علي عظيم آفريدي چيو ته ها بلڪل ائين ئي هو، پوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي، ان وقت اسيمبلي جو اجلاس هلي رهيو هو ته ان ۾ قسم کڻڻ جو حڪم ڏنو ويو.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

 

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
20 ° C
20 °
20 °
30 %
4.3kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
22 °
سُومر
19 °
اڱارو
21 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون