تازه ترين

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي معاملي تي وزيراعظم اڄ چيف جسٽس سان ملاقات ڪندو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي معاملي تي وزيراعظم اڄ چيف جسٽس سان ملاقات ڪندو.

ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي معاملي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف کي ملاقات لاءِ پيغام موڪليو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جو پيغام اچڻ کانپوءِ وزيراعظم اڄ پنهنجي قانوني ٽيم سان گڏ ساڻس ملاقات ڪندو، ملاقات منجهند 2 وڳي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي، جنهن ۾ وزيراعظم سان گڏ قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل منصور اعواڻ به هوندا.

ٻئي پاسي قانون واري وفاقي وزير اعطم نذير تارڙ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ملاقات جي تصديق ڪندي چيو ته اڄ وزيراعظم چيف جسٽس سان ملندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
20 ° C
20 °
20 °
30 %
4.3kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
22 °
سُومر
19 °
اڱارو
21 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون