تازه ترين

پاڪستان سلامتي ڪائونسل کان فلسطينين جون تڪليفون ختم ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو

- Advertisement -
پاڪستان سلامتي ڪائونسل کان فلسطينين جون تڪليفون ختم ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل جي جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان عام شهرين کي کڻڻو پئجي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن شئي کان ان ڳالهه جو جواز نٿو ڏئي سگهجي ته سموري آبادي کي انڌاڌنڌ قتل ڪيو وڃي يا انهن کي بک ماريو وڃي. عاصم افتخار وڌيڪ چيو ته اسرائيلي اخبار غزا جي صورتحال کي 21هين صدي جي ڏڪار جو سڀ کان سنگين مثال قرار ڏنو آهي. پاڪستان جي نمائندي جو چوڻ هو ته غزا ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري چڪو آهي، ماڻهو انڪري نه مري رهيا آهن جو خوراڪ موجود ناهي، ماڻهو بک وگهي مري رهيا آهن، ان ڪري کين خوراڪ تائين رسائي کان محروم رکيو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون