- Advertisement -
ترقي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر اڏامڻ لاءِ تيار آهي، ملڪ جي ترقي لاءِ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي.
لاهور ۾ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي سالياني تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته 2020 ۾ کين جيڪي اقتصادي زون ٺاهڻا هئا، اهي 2022 ۾ اقتدار ۾ اچڻ وقت تيار نه هئا، جڏهن هو اقتدار ۾ آيا ته دنيا شرط لڳائي رهي هئي ته پاڪستان 6 هفتن ۾ سريلنڪا بڻجي ويندو.
احسن اقبال چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جرئتمندانه فيصلا ڪيا، پاڪستان اڄ ٻيهر ٽرن ارائونڊ تي پهچي چڪو آهي، افراط زر 38 سيڪڙو کان گهٽجي 4 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، پاليسي ريٽ 12 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ نوان رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي، ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر اڏامڻ لاءِ تيار آهي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته کين اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا هن اڏام کي اڳئين اڏامن وانگر سمجهيو وڃي، يا کين پنهنجا طريقا تبديل ڪرڻا پوندا.
سندس چوڻ هو ته امن، استحڪام، پاليسي جو تسلسل ۽ سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جو عزم تمام ضروري آهي، کين ايندڙ سنگ ميل تي نظر رکڻي آهي.- Advertisement -
