تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر اڏامڻ لاءِ تيار آهي، ملڪ جي ترقي لاءِ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي : احسن اقبال

- Advertisement -
ترقي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر اڏامڻ لاءِ تيار آهي، ملڪ جي ترقي لاءِ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي. لاهور ۾ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي سالياني تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته 2020 ۾ کين جيڪي اقتصادي زون ٺاهڻا هئا، اهي 2022 ۾ اقتدار ۾ اچڻ وقت تيار نه هئا، جڏهن هو اقتدار ۾ آيا ته دنيا شرط لڳائي رهي هئي ته پاڪستان 6 هفتن ۾ سريلنڪا بڻجي ويندو. احسن اقبال چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جرئتمندانه فيصلا ڪيا، پاڪستان اڄ ٻيهر ٽرن ارائونڊ تي پهچي چڪو آهي، افراط زر 38 سيڪڙو کان گهٽجي 4 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، پاليسي ريٽ 12 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ نوان رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي، ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر اڏامڻ لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته کين اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا هن اڏام کي اڳئين اڏامن وانگر سمجهيو وڃي، يا کين پنهنجا طريقا تبديل ڪرڻا پوندا. سندس چوڻ هو ته امن، استحڪام، پاليسي جو تسلسل ۽ سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جو عزم تمام ضروري آهي، کين ايندڙ سنگ ميل تي نظر رکڻي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
12 %
5.9kmh
40 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون