- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب ڪابينا، تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، مذهبي جماعت تي پابندي جي سمري وفاقي سرڪار کي اماڻي وئي آهي، صوبائي حڪومت ڪنهن مسجد، مدرسي بابت ڪو فيصلو ناهي ڪيو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي پارٽيون سياسي عمل جو حصو رهيون آهن، مذهب جي نالي تي پنهنجي سوچ مڙهڻ قبول ڪرڻ جوڳي ناهي.
سندس چوڻ هو ته هڪ مذهبي جماعت جي احتجاج جو ڪو جواز نه آهي، پاڪستان ۾ ڪجهه عرصي کان انتهاپسندي جي روايت هلي پئي آهي، جنهن جي دل چاهي اهو پنهنجو مطالبو کڻي روڊ تي نڪري اچي ٿو ۽ روڊ بند ڪري ڇڏين ٿا.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته هڪ مذهبي جماعت جي احتجاج خوني رنگ اختيار ڪيو، مذهبي تنظيمن جي بئنڪ اڪائونٽس کي سيل ڪيو ويندو، ڪنهن کي به رتوڇاڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
عظميٰ بخاري چيو ته ڀڃ ڊاهه يا سوشل ميڊيا تي ڀڙڪائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته غزا ۾ جنگبندي بابت پاڪستان جي ڪردار جي دنيا واکاڻ ڪري رهي آهي، ڇا پوليس جون گاڏيون ساڙڻ سان غزا جو مسئلو حل ٿي ويو آهي؟- Advertisement -
