ايندڙ چونڊن بابت صلاح مشوري حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو 7 رڪني وفد اڄ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان ملاقات ڪندو.
پيپلزپارٽي طرفان نيئر بخاري، نويد قمر، فيصل ڪريم ڪنڊي، فاروق نائيڪ، شيري رحمان، مراد علي شاهه ۽تاج حيدر کي وفد جو حصو بڻايو ويو آهي.
7 رڪني وفد اليڪشن جي حوالي سان مشاورت ڪندو ۽ عام چونڊن جي تاريخ تي اليڪشن ڪميشن آڏو پنهنجو موقف پيش ڪندو.
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفد کي 90 ڏينهن اندر چونڊن جي مطالبي جي واضع هدايت ڪئي آهي.
واضع رهي ته اليڪشن ڪميش چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان سمورين سياسي جماعتن سان صلاح مشوري جو سلسلو شروع ڪيو هو.
ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ، ن ليگ، ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ سميت ٻين سياسي جماعتن جي وفدن سان مشاورت ٿي چڪي آهي.