ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ پوليس ۽ رينجرز جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي گڏيل ڪارروائي ڪئي.

ڪارروائي دوران ڦر سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ گرفتار ٻن جوابدارن ذيشان ۽ صغير کي گرفتار ڪري ورتو.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته 18 آگسٽ تي جوابدار ذيشان پنهنجي ساٿي سان گڏجي اورنگي ٽائون ۾ هڪ موٽرسائيڪل سوار کان گن پوائنٽ تي موبائل ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي هئي.

رينجرز ترجمان موجب، ڦر ٿيل موبائل فون جوابدار پنهنجي ساٿي جوابدار صغير کي وڪرو ڪئي، واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا هئا جنهن ۾ جوابدارن کي سڃاڻي سگهجي ٿو.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ دوران جوابدار ذيشان اورنگي ٽائون، سائيٽ ٽائون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڦر جي 50 کان وڌيڪ وارداتن ۾ 150 کان وڌيڪ موبائل فونز ۽ هڪ لک کان وڌيڪ روڪ رقم ڦر ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

رينجرز ترجمان موجب، جوابدار صغير 80 کان وڌيڪ موبائل فونز جي پيڪيجنگ جو اعتراف ڪيو آهي، گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن……….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
43%
0.4m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
27 °

تازه ترين خبرون