ڄامشوري ۾ فارميسي شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان ڪلاسن جي سهولت نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڪاشف ڄامڙي، معظم کوسي، ڪومل سيد، ثناءَ ڪلثوم، صدف ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ايڊمنسٽريشن بلڊنگ آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فارميسي شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ست مهينا گذرڻ باوجود ڪلاسن جي سهولت ناهي ملي سگهي، ڪڏهن ڪنهن جي ڪلاسن ۾ ته ڪڏهن پارڪ ۾ انتظار ڪرايو پيو وڃي.
هنن چيو ته هو لکين رپيا في ڀري آيا آهن پر هتي ڪلاس به موجود نه آهي، ڊين فيڪلٽي نعيم ناريجو ۽ شعبي جي چيئرمين ذوالفقار لغاري وٽ بار بار ويا آهن پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي.
سندن چوڻ هو ته ڊين فيڪلٽي شاگردن سان بدتميزي ڪري کين آفيس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فارميسي شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪلاسن جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.